حداد حاجي محمد

حداد حاجي محمد: سنڌ جي نامياري مرثيي گو شاعر ۽ اديب حاجي محمد حداد جو جنم 1851ع ڌاري ٿيو. هيءُ خيرپور رياست جي تيورا خاندان مان هو. هو خيرپور رياست جي توبخاني جو منتظم هوندو هو ۽ ماتم جي مجلس ۾ سوز خواني پڻ ڪندو هو. سندس مرثين ۾ رواني ۽ رنگيني آهي. هو سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ ۾ به مرثيا چوندو هو. سندس تصنيفن ۾: ’قرآن شريف جو ترجمو‘، ’چار درويشن جو قصو‘ ۽ ’مرثين جو بياض‘ شامل آهن. هن 1911ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو